سراءِ جي سيدن جو قبرستان

سراءِ جي سيدن جو قبرستان: روهڙيءَ ۾ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه جي ويجھـو اولهندي طـرف ’ڪوٽائي ساداتن‘ جو هڪ قبرسـتـان آهي. هيءُ قبرستان ’سراءِ جي سيدن جو قبرستان‘ جي نالي سان مشهور آهي. گھڻو وقت اڳ ۾ انهيءَ هنڌ هڪ سراءِ يعني مسافرن جي آرام لاءِ جاءِ هوندي هئي. انهيءَ ڪري هي قبرستان ’سراءِ جي سيدن جي قبرستان‘ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هن قبرستان ۾ سيد يوسف علي شاهه، سيد قلندر بخش شاهه، سيد شاهنواز شاهه، سيد سڪندر علي شاهه جهڙا قادرالڪلام مرثيه گو شاعر مدفون ٿيل آهن. هن قبرستان ۾ مولانا غلام مرتضى ’ناظر‘ جي مزار، مير يعقوب علي خان جي نياڻي جي مزار ۽ سيد سلطان شاهه جو مقبرو پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو